KTN News

اڳوڻي افغان ڪرڪيٽر شاپور زدران جي نماز جنازو ڪابل ۾ ادا

اڳوڻي افغان ڪرڪيٽر شاپور زدران جي نماز جنازو ڪابل ۾ ادا ڪئي وئي.

افغان ڪرڪيٽ بورڊ موجب، شاپور زدران جي نماز جنازي ۾ اي سي بي (افغان ڪرڪيٽ بورڊ) جي بورڊ ميمبرن، اڳوڻن ۽ موجوده افغان ڪرڪيٽرن سميت هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي.

ڪرڪيٽر شاپور زدران ڪينسر جي بيماري ۾ مبتلا هئا ۽ هو ڊگهي عرصي جي علالت کان پوءِ ڪجهه ڏينهن اڳ لاڏاڻو ڪري ويا.

واضح رهي ته افغان ڪرڪيٽ بورڊ موجب، اڳوڻي فاسٽ بالر شاپور زدران جو مڙهه اربع ڏينهن ڀارت مان ڪابل آندو ويو، جتي هو وفات کان اڳ علاج هيٺ هئا.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube