آمريڪي جنگي جهاز پورٽو ريڪو ۾ هڪ بحري بيس تي لهي ويا آهن. آمريڪي ڪانگريس وينزويلا جي ڪارٽيل کي پرڏيهي دهشتگرد تنظيمن طور نامزد ڪيو آهي. وائيٽ هائوس جي ترجمان ڪيرولين ليوٽ جو چوڻ آهي ته منشيات جي گروهن خلاف ڪارروائي جاري رهندي.
آمريڪي ميڊيا موجب، وينزويلا خلاف ڪارروائي جي تيارين جي باوجود، صدر ٽرمپ ۽ صدر مادورو جي وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو قائم ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن.




