وزيراعظم: دهشتگردن خلاف خاموشي، هاڻي فيصلي جو وقت اچي ويو
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگردي جي واقعن ۾ عام شهرين ۽ سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻايو پيو وڃي، پر خيبرپختونخوا حڪومت دهشتگردن خلاف هڪ لفظ به نٿي ڳالهائي. پاڻي مٿي کان گذري چڪو آهي، هاڻي فيصلو ڪرڻ جو وقت آهي.
وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته گذريل 10 سالن دوران خيبرپختونخوا حڪومت کي دهشتگردي خلاف جنگ لاءِ 800 ارب رپيا ڏنا ويا، پر صوبي ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) کي مضبوط نه ڪيو ويو.
هن چيو ته پاڪ فوج ڏينهن رات دهشتگردن خلاف ڪارروايون ڪري رهي آهي، جڏهن ته خيبرپختونخوا حڪومت وفاق سان گڏجي دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ بدران خاموش تماشائي بڻيل آهي.
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته افغانستان کي به ڪيترائي ڀيرا سمجهايو ويو، پر ڪو نتيجو نه نڪتو. اسلام آباد تي چڙهائي جو منصوبو ٺاهيو ويو، جنهن جو مقصد ملڪ کي ٻيهر تباهي ڏانهن ڌڪڻ آهي. هن واضح ڪيو ته قانون تي هر صورت ۾ عمل ڪرايو ويندو ۽ ملڪ جي ترقي توڙي سفارتي ڪاميابين کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.




