KTN News

وزيراعظم شهباز شريف سان مڪي دفاعي اتحاد جي پهرين سيڪريٽري جنرل جي ملاقات

وزيراعظم شهباز شريف سان مڪي ڊفينس الائنس جي پهرين سيڪريٽري جنرل نعمان محمود ملاقات ڪئي آهي.

ان موقعي تي وزيراعظم جنرل (ر) نعمان محمود کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته مڪي امن معاهدو خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ هڪ تاريخي سنگ ميل آهي.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان، سعودي عرب جي خودمختياري ۽ دفاع لاءِ ان سان گڏ بيٺل آهي ۽ سعودي عرب جي دفاع جي جائز حق جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو.

ان موقعي تي وزيراعظم کي دفاعي ۽ اسٽريٽجڪ سهڪار وڌائڻ جي حڪمت عملي بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube