KTN News

زال تي تشدد واري ڪيس ۾ يوٽيوبرعلي حيدرآبادي جي 14 جولاءِتائين عبوري ضمانت منظور

لاهور جي سيشن عدالت زال تي تشدد واري ڪيس ۾ يوٽيوبر علي حيدرآبادي جي 14 جولاءِ تائين عبوري ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي.

ايڊيشنل سيشن جج علي حيدرآبادي کي 14 جولاءِ تائين گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. جوابدار جي طرفان لاهور بار جي اڳوڻي صدر رانا انتظار عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ دليل ڏيندي چيو ته جوابدار جاچ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار آهي، پر خدشو آهي ته پوليس کيس گرفتار ڪري وٺندي، تنهن ڪري عدالت عبوري ضمانت منظور ڪري.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube