KTN News

راولپنڊي: ٻارن سان زيادتي سميت سنگين ڪيسن ۾ گهربل اشتهاري جوابدار مارجي ويو

راولپنڊي: سنگين ڪيسن ۾ گهربل اشتهاري جوابدار حماد عرف مادو مارجي ويو، ٻيا جوابدار فرار

راولپنڊي جي جاتلي ٿاڻي جي حد ۾ ديهي داتا مين روڊ تي رات دير سان سي سي ڊي ٽيم تي موٽرسائيڪل سوار جوابدارن جي فائرنگ دوران سنگين ڪيسن ۾ گهربل اشتهاري جوابدار حماد عرف مادو مارجي ويو. مارجي ويل جوابدار جي قبضي مان پستول پڻ هٿ ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب، سي سي ڊي ٽيم ديهي داتا روڊ تي سنيپ چيڪنگ ۾ مصروف هئي ته ان دوران موٽرسائيڪل سوار جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني. فائرنگ جي واقعي دوران کهڊيوٽ، ڪهوٽا واسي اشتهاري جوابدار حماد عرف مادو مارجي ويو، جڏهن ته ٻيا جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته مارجي ويل جوابدار ڦر دوران قتل، قتل جي ڪوشش ۽ گهٽ عمر ٻارن سان هٿيارن جي زور تي جنسي ڏاڍائي سميت سنگين ڪيسن ۾ گهربل هو. جوابدار کي علائقي ۾ خوف جي علامت سمجهيو ويندو هو ۽ مبينا طور تي هو سوشل ميڊيا تي هوائي فائرنگ جون وڊيوز شيئر ڪري شهرين ۾ خوف ۽ هراس پکيڙيندو هو.

واقعي کانپوءِ فرار ٿيل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سي سي ڊي ٽيم پاران علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي، جڏهن ته مارجي ويل جوابدار جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي هيڊڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

واقعي بابت وڌيڪ تفصيل ۽ پوليس جو باضابطه موقف سامهون اچڻ اڃا باقي آهي.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube