KTN News

فلسطين ۾ امن فورس مقرر ڪئي ويندي، امن منصوبي ۾ پاڪستان جي شموليت فخر جوڳي آهي، نائب وزيراعظم

نائب وزيراعظم اسحاق ڏار جو چوڻ آهي ته امن منصوبي تحت فلسطين ۾ امن فورس مقرر ڪئي ويندي، امن منصوبي ۾ پاڪستان جي شموليت فخر جوڳي آهي. قانون نافذ ڪندڙ فورس ۾ پاڪستان جا ڪيترا ماڻهو هوندا، ان جو فيصلو قيادت ڪندي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران نائب وزيراعظم ۽ وزير خارجه اسحاق ڏار چيو ته غزه ۾ امن لاءِ معاهدي تي 8 ملڪن محنت ڪئي آهي، منصوبي تحت فلسطين ۾ امن فورس مقرره ٿيندي. امن فورس ۾ گهڻا فلسطيني شامل هوندا.

اسحاق ڏار چيو ته فلسطيني ٽيڪنوڪريٽ حڪومت ۾ فلسطيني شامل هوندا جڏهن ته عالمي سطح تي پيس انوائي ٽوني بليئر ٿيندو، ميدان تي پيس ڪيپنگ فورس لاءِ انڊونيشيا 26 هزار ماڻهن جي آڇ ڪئي آهي. قانون نافذ ڪندڙ فورس ۾ پاڪستان جا ڪيترا ماڻهو هوندا، ان تي قيادت فيصلو ڪندي.

وزير خارجه چيو ته صدر ٽرمپ جو 20 نڪاتي اعلان الڳ آهي ۽ 8 مسلم ملڪن جو بيان الڳ آهي، فلسطيني اختيارين 8 ملڪن جي گڏيل قدمن کي ڀليڪار چيو. لکت ۾ آمريڪا مسودو تيار ڪيو، جنهن تي سڀ اسلامي ملڪن ترميمون ڏنيون. 48 کان 72 ڪلاڪن ۾ 20 نڪتا ڏنا ويا ۽ اسان 24 ڪلاڪن ۾ ترميمون ڪيون، جنهن ۾ يو ايس پيس ڪيپنگ جي بجاءِ غزه ۾ الڳ فورس امن قائم ڪندي.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube