پشاور جي حسن خيل تحصيل ۾ گئس پائپ لائن ۾ ڌماڪو ٿيو، جنهن جي ڪري 24 انچ گئس پائپ لائن ۾ باهه لڳي وئي.
هن چيو ته ڌماڪي جي ڪري پشاور، چارسده، نوشهره، مردان ۽ سوات ۾ صارفين کي گئس جي فراهمي متاثر ٿيندي. گئس جي فراهمي بند ڪرڻ لاءِ ٽيمون علائقي ڏانهن موڪليون ويون آهن.
وقاص شنواري موجب، ڌماڪي جي نوعيت اڃا تائين معلوم ناهي ٿي سگهي، واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪيو ويندو.
ٻئي طرف، سي سي پي او ڊاڪٽر ميان سعيد جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جي نوعيت جو پتو لڳايو پيو وڃي، علائقي جي ماڻهن کي باهه کان پري رهڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، ۽ سوئي گئس جي عملدارن کي گئس جي فراهمي بند ڪرڻ جو چيو ويو آهي.
پوليس ذريعن موجب، گئس پائپ لائن ڌماڪي ۾ دهشتگردي جي عنصر جي به جاچ ڪئي پئي وڃي.




