ڪراچي سميت سڄي ملڪ لاءِ ماهوار فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي مهانگي ڪئي وئي آهي.
نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) آگسٽ مهيني لاءِ بجلي 8 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
نوٽيفڪيشن موجب، حڪومتي پاليسي گائيڊ لائينز جي تحت هن واڌ جو اطلاق ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين تي به ٿيندو.
بجلي جا صارفين اها رقم آڪٽوبر جي بلن ۾ ادا ڪندا، جڏهن ته سي پي پي اي آگسٽ جي ايڊجسٽمينٽ ۾ 19 پئسا في يونٽ واڌ جو مطالبو ڪيو هو.




