KTN News

پاڪستاني عورتن سان شادي ڪندڙافغان مردن کي شهريت ڏيڻ جو فيصلو معطل

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان هڪ اهم حڪم ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ جو اهو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو هو ته پاڪستاني عورتن سان شادي ڪندڙ افغان مردن کي پاڪستاني شهريت ۽ پاڪستاني اوريجن ڪارڊ (پي او سي) جاري ڪيو وڃي۔

هي مقدمو افغان شهرين کي پاڪستاني اوريجن ڪارڊ ڏيڻ سان لاڳاپيل هو، جنهن جي ٻڌڻي جسٽس شاهد وحيد جي سربراهي ۾ ٽن رڪني بئنچ ڪئي۔ عدالت ۾ ايڊشنل اٽارني جنرل رانا اسدالله ۽ نادرا جا وڪيل پيش ٿيا۔

ٻڌڻي دوران ايڊشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته حڪومت پشاور هاءِ ڪورٽ جي پهرين ڊسمبر 2023 جي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪئي آهي۔ ان فيصلي ۾ چيو ويو هو ته جيڪڏهن ڪو افغان شهري پاڪستاني عورت سان شادي ڪري ته کيس پاڪستاني شهريت ۽ پي او سي ڪارڊ ڏنو وڃي۔

ان موقعي تي جسٽس مسرت هلالي پڇيو ته شهريت ڪهڙي بنياد تي ڏني وڃي سگهي ٿي ۽ هن وقت تائين ڪيترا درخواستگذار آهن؟

ايڊشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته هن وقت تائين 117 درخواستگذار آهن، جنهن تي جسٽس مسرت هلالي ريمارڪس ڏنا ته “اهي ته اهي ماڻهو آهن جيڪي سامهون آيا آهن، باقي ڪيترا هوندا؟

نادرا جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته پاڪستاني عورت سان شادي ڪندڙ افغان شهري لاءِ صحيح ويزا (Valid Visa) جي شرط به لازمي آهي۔ ان تي جسٽس مسرت هلالي دلچسپ تبصرو ڪندي چيو، “اهو به ڏسڻو پوندو ته ڪو شخص ديوار ٽپي آيو آهي يا دروازي مان اندر آيو آهي۔”

عدالت دليلون ٻڌڻ کان پوءِ پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو عارضي طور معطل ڪري ڇڏيو ۽ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي ايندڙ تاريخ تائين ملتوي ڪري ڇڏي۔

ذريعن موجب، هي مقدمو هاڻي شهريت جي قانون، نادرا جي ضابطن ۽ افغان مهاجرن جي قانوني دائري اختيار سان لاڳاپيل هڪ اهم آئيني معاملو بڻجي ويو آهي، جنهن جا اثر مستقبل ۾ هزارين شادي شده افغان شهرين تي پئجي سگهن ٿا۔

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube