پاڪستان طرفان هڪ ڀيرو ٻيهر غزا ۾ جنگبندي جو مطالبو،
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سلامتي ڪائونسل ۾ وچ اوڀر ۽ فلسطين بابت اجلاس کي خطاب ڪندي چيو آهي
ته غزا ۾ انساني الميو پيدا ٿي ويو آهي، فوري طور جنگ بند ڪئي وڃي، غزا ۾ عالمي قانون، اخلاقيات ۽ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن، غزا ۾ هن وقت تائين 10 لک ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن، عالمي برادري اسرائيل کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾آڻي.




