KTN News

ريبيز جي روڪٿام لاءِ قومي فريم ورڪ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي

وفاقي صحت واري وزير مصطفيٰ ڪمال سان دي انڊس اسپتال اينڊ هيلٿ نيٽ ورڪ جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن دوران پاڪستان ۾ ريبيز جي روڪٿام ۽ اثرائتي ڪنٽرول لاءِ قومي سطح تي قدمن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

وفد صحت واري وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ملڪ ۾ ريبيز جي نگراني لاءِ ڪو به اثرائتو قومي نظام موجود ناهي، جڏهن ته موجود اندازن موجب هر سال لڳ ڀڳ پنج هزار ماڻهو هن بيماري سبب حياتي وڃائي ويهن ٿا.

بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته هر سال ڪتن جي چڪڻ جا لکين واقعا رپورٽ ٿين ٿا، ۽ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٻار، ڳوٺاڻن علائقن ۽ شهري ڀرپاسي وارن آبادين جا ماڻهو ٿين ٿا.

صحت واري وزير مصطفيٰ ڪمال وڌندڙ واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي قومي ريبيز پريوينشن اينڊ ڪنٽرول فريم ورڪ تيار ڪرڻ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube