اسلام آباد: وفاقي آئيني عدالت پيرسوهاوا ۾ واقع مونال ريسٽورنٽ ڊاهڻ بابت ڏنل فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.
عدالت سي ڊي اي ۽ ميٽروپوليٽن سٽي جون اپيلون منظور ڪندي حڪمِ امتناع پڻ ختم ڪري ڇڏيو.
آئيني عدالت چيو ته ملڪيت بابت فيصلو ٽرائل ڪورٽون عدالتي مشاهدي (آبزرويشنز) کان متاثر ٿيڻ کان سواءِ ڪنديون، جڏهن ته انتظامي معاملن بابت فيصلا لاڳاپيل ريگيوليٽري ادارا ڪندا.
سماعت دوران جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ ڪيترن ئي نڪتن کي نظر ۾ نه رکيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته ڪيس داخل ڪرڻ يا نظرثاني جي درخواست ڏيڻ تي به عدالت ناراض ٿي، پر اسان جذباتي فيصلو نه ڪنداسين.
وڪيل احسن ڀون چيو ته عدالت ڪيس کي تمام سٺي نموني پڙهيو آهي، جنهن تي جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته عدالت ۾ اسان جي تعريف نه ڪريو، جيڪو ڪجهه ٻڌڻي دوران ٿيو آهي، ان مطابق ئي حڪم جاري ڪنداسين.
جسٽس حسن اظهر رضوي وڌيڪ چيو ته فيصلي ۾ “الف ليليٰ” جون ڪهاڻيون نه لکنداسين. فيصلو پڙهڻ کان پوءِ اندازو ٿيو ته ان ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون لکيون ويون آهن، جيڪي عدالتي ڪارروائي جو حصو نه هيون.
بعد ۾ وفاقي آئيني عدالت پيرسوهاوا ۾ واقع مونال ريسٽورنٽ ڊاهڻ بابت ڏنل فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.




