KTN News

نان ايم-ٽيگ ۽ گهٽ بيلنس تي 50 سيڪڙو ڏنڊ وارو فيصلو عدالت ۾ چئلينج

اسلام آباد : نان ايم-ٽيگ ۽ ايم-ٽيگ گاڏين ۾ گهٽ بيلنس هجڻ تي 50 سيڪڙو اضافي ٽول يا جرمانو لاڳو ڪرڻ واري نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (NHA) جي فيصلي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي.

درخواست وڪيل محمد جلال حيدر طرفان داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ وزارتِ مواصلات، NHA ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته NHA 30 مئي 2025 تي هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو، جنهن تحت نان ايم-ٽيگ ۽ ايم-ٽيگ ۾ گهٽ بيلنس رکڻ واري گاڏين تي 50 سيڪڙو اضافي ٽول يا جرمانو لاڳو ڪيو ويو.

درخواستگذار موجب NHA قانون جي دفعه 10 تحت ادارو صرف ٽول ٽيڪس وصول ڪرڻ جو مجاز آهي، جڏهن ته قانون ۾ نان ايم-ٽيگ يا گهٽ بيلنس واري گاڏين تي جرمانو لاڳو ڪرڻ جو ڪٿي به ذڪر موجود ناهي.

عدالت ۾ داخل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته NHA ٻنهي ڪيٽيگريز ۾ بغير ڪنهن قانوني جواز جي جرمانو وصول ڪري رهيو آهي، جيڪو آئينِ پاڪستان جي آرٽيڪل 4، 18، 24 ۽ 25 جي کليل ڀڃڪڙي آهي.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube