KTN News

پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ، پيٽرول 8 رپيا مهانگو ٿي ويو

پيٽروليم ڊويزن پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو اعلان ڪندي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي. نوان اگهه اڄ رات اڌ رات کان ايندڙ پندرهن ڏينهن لاءِ لاڳو ٿيندا.

پيٽروليم ڊويزن موجب، پيٽرول جي قيمت ۾ 8 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 266.17 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. اهڙي طرح، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 5.16 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي ۽ ان جي نئين قيمت 280.86 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube