نيپرا 300 يونٽ تائين ماهوار بجلي استعمال ڪندڙ گھريلو واهپيدارن تي به فڪسڊ چارجز لاڳو ڪري ڇڏيا.
نيپرا فڪسڊ چارجز جي حوالي سان پاور ڊويزن جي درخواست تي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
نيپرا جو چوڻ آهي ته فڪسڊ چارجز پروٽيڪٽڊ ۽ نان پروٽيڪٽڊ واهپيدارن تي لاڳو ڪيا ويا آهن.
نيپرا جي فيصلي موجب ماهوار 100 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ پروٽيڪٽڊ واهپيدارن تي 200 رپيا ۽ ماهوار 200 يونٽ بجلي استعمال ڪندڙن پروٽيڪٽڊ واهپيدارن تي 300 روپيا فڪسڊ چارجز لاڳو ڪيا ويا آهن.
نيپرا موجب 100 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ نان پروٽيڪٽڊ واهپيدارن تي 275 رپيا،ماهوار 200 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ نان پروٽيڪٽڊ واهپيدارن تي 300 رپيا۽ ماهوار 300 يونٽ تائين استعمال ڪندڙ نان پروٽيڪٽڊ واهپيدارن تي 350 رپيا فڪسڊ چارجز لاڳو ڪيا ويا آهن. ياد رهي ته ان کان اڳ رڳو 300 يونٽ کان وڌيڪ بجلي استعمال ڪندڙ نان پروٽيڪٽڊ واهپيدارن تي فڪسڊ چارجز لاڳو هئا….




