قومي بيانيي جي تشڪيل لاءِ قائم ڪيل قومي پيغامِ امن ڪميٽي (اين پي اي سي) جي ميمبرن سان ملاقات دوران ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته قومي سلامتي جي معاملن ۾ يڪسوئي ۽ بيانيي تي اتفاقِ راءِ وقت جي اهم ضرورت آهي۔
ملاقات ۾ فتنہ الخوارج، ٽي ٽي پي ۽ ٽي ٽي اي جي تناظر ۾ اندروني سلامتي بابت جامع ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، جڏهن ته ڪشمير ۽ غزه بابت اصولي موقف جي توثيق پڻ ڪئي وئي۔ ملاقات کي غيرمعمولي طور تي فائديمند قرار ڏيندي اعتماد ۽ عملي سهڪار جي نون رستن تي اڳڀرائي جي اميد ظاهر ڪئي وئي۔ ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته مظلومن جي حمايت پاڪستان جي اخلاقي ذميواري آهي۔
اين پي اي سي پاڪ فوج سان غيرمتزلزل يڪجهتي جو اظهار ڪندي قومي بيانيي جي فروغ لاءِ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي۔ ميمبرن چيو ته دهشتگردي جو ڪو به جواز ناهي۔ نفرت انگيزي ۽ فرقيواريت خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي اختيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو۔ سماجي هم آهنگي جو پيغام سڄي ملڪ ۾ ڦهلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو۔
ملاقات دوران اين پي اي سي پاران رياستي بيانيي جي ترويج لاءِ مسجدن، مدرسن ۽ يونيورسٽين ۾ آگاهي ۽ رهنمائي واريون نشستون وڌائڻ جي تجويز ڏني وئي۔ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته دشمن جي نفسياتي جنگ جو مقابلو ڪرڻ لاءِ عوامي شعور ۽ سچائي تي ٻڌل بيانيي فيصلائتو هٿيار آهي۔




