ڪراچي: (ڇنڇر: 20 سيپٽمبر 2025ع) وفاقي وزير صحت مصطفيٰ ڪمال پنهنجي ڌيءَ کي سروائيڪل ڪينسر جي ويڪسين لڳرائي ڇڏي آهي. ڪراچي ۾ سروائيڪل ڪينسر جي حوالي سان منعقد هڪ تقريب ۾ مصطفيٰ ڪمال پنهنجي ڌيءَ کي ويڪسين لڳرائي، جنهن کان پوءِ هن ڌيءَ جي آڱر تي پڻ مارڪ جو نشان لڳايو.
تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير صحت مصطفيٰ ڪمال جو چوڻ هو ته پاڪستان دنيا جو 151هون ملڪ آهي جتي سروائيڪل ڪينسر کان بچاءُ جي مهم شروع ڪئي وئي آهي. وفاقي وزير صحت مصطفيٰ ڪمال موجب انهي مهم جي شروعات سان ئي گمراهه ڪندڙ پروپيگنڊا سامهون اچي رهي آهي. انهي پروپيگنڊا کي نظر ۾ رکندي مون پنهنجي ڌيءَ کي اها ويڪسين لڳرائڻ جو فيصلو ڪيو.
وفاقي وزير صحت جو وڌيڪ چيو هو ته پنهنجي 30 ورهين جي سياسي ڪيريئر ۾ مون ڪڏهن به پنهنجي فيملي کي سامهون ناهي آندو پر اڄ قوم جي هر ڌيءَ جي حياتي کي محفوظ بنائڻ لاءِ مون پنهنجي اڪيلي ڌيءَ کي اها ويڪسين لڳرائڻ جو فيصلو ڪيو.