KTN News

پي ڊي ايم اي پنجاب صوبي ۾ سخت ڪوهيڙي ۽ سموگ جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو

ڊي جي پي ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته لاهور ۽ پنجاب جا ٻيا ميداني علائقا سخت ڪوهيڙي ۽ سموگ کان متاثر ٿي سگهن ٿا، جن ۾ گوجرانوالا، شيخوپوره، قصور، ننڪانه صاحب، فيصل آباد، جهنگ، ٽوبه ٽيڪ سنگهه شامل آهن.

پي ڊي ايم اي پنجاب موجب ساهيوال، ليه، ڪوٽ ادو، ملتان، بهاولپور، رحيم يار خان ۽ خانپور به ڪوهيڙي ۽ سموگ کان متاثر ٿي سگهن ٿا. صوبي جي انتظاميه کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ڪوهيڙي ۽ سموگ کان بچاءُ لاءِ حڪومتي قدمن تي عمل درآمد کي يقيني بڻايو وڃي.

ڊي جي عرفان علي ڪاٺيا جو چوڻ آهي ته ڪوهيڙي سبب ساهه جون بيماريون ۽ ٻيون بيماريون پيدا ٿين ٿيون. ٻار ۽ بزرگ سموگ کان متاثر ٿيڻ جو امڪان وڌيڪ آهي. ڪوهيڙي سبب روڊن تي حادثن ۾ واڌ جو خطرو پڻ آهي.

پي ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته فصلن جي باقيات ۽ ڪچرو ساڙڻ تي ڪيس داخل ڪيا ويندا، لاپرواهي ڪندڙ ۽ غير ذميوار آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، سالڊ فضلو، ٽائر، پلاسٽڪ، پوليٿين بيگ، رٻڙ ۽ چمڙي کي ساڙڻ تي پابندي آهي، ۽ دونھون خارج ڪندڙ گاڏين ۽ ڪارخانن خلاف به سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube