بلوچستان جي ضلعي قلات ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.
زلزلي جي مرڪز موجب، زلزلي جي شدت 3.0 رڪارڊ ڪئي وئي ۽ ان جي کوٽائي 12 ڪلوميٽر هئي. زلزلي جو مرڪز قلات جي ويجهو هو.
زلزلي کان پوءِ ماڻهو ڪلمه طيبه جو ورد ڪندي پنهنجن گهرن مان ٻاهر نڪري آيا.
زلزلي کان پوءِ اڃا تائين ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جي اطلاع ناهي ملي.




