KTN News

ساهيوال: آن لائين پئسا ڪمائڻ جو جهانسو ڏئي يونيورسٽي جي طالبہ کي اغوا ڪيو ويو

پنجاب جي ضلعي ساهيوال ۾ آن لائين پئسا ڪمائڻ جو جهانسو ڏئي يونيورسٽي جي طالبه کي اغوا ڪيو ويو۔

رپورٽ موجب، اغوا جو واقعو ٽي ڏينهن اڳ پيش آيو۔ ڊي پي او ٻڌايو ته طالبه گهر مان يونيورسٽي لاءِ نڪتي پر ٿوري دير بعد ڇوڪري جو فون بند ٿي ويو ۽ هوءَ يونيورسٽي به نه پهتي۔

ڊي پي او عثمان ٽيپو ٻڌايو ته سوشل ميڊيا تي هڪ عورت آن لائين پئسا ڪمائڻ جو لالو ڏئي طالبه کي اغوا ڪيو هو۔ پوليس فريد ٽائون طالبہ کي سيالڪوٽ مان باحفاظت بازياب ڪرائي ورتو۔

پوليس ٽيم جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان اغواڪار عورت کي سيالڪوٽ مان گرفتار ڪري 19 سالن جي طالبه کي بازياب ڪرائي ڇڏيو۔

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube