KTN News

پشاور: ايف سي هيڊ ڪوارٽر تي دهشتگرد حملي جو ڪيس

پشاور: ايف سي هيڊ ڪوارٽر تي حملي جو ڪيس نامعلوم دهشتگردن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، حملي ۾ ٽي فوجي شهيد ۽ 11 زخمي ٿيا آهن.

تفصيل موجب، پشاور ۾ ايف سي هيڊ ڪوارٽر تي دهشتگرد حملي جو ڪيس ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) پوليس اسٽيشن ۾ داخل ڪيو ويو آهي.

پوليس چيو ته ايس ايڇ او عبدالله جلال جي شڪايت تي دهشتگردي جي دفعات تحت نامعلوم دهشتگردن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ايف آءِ آر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته موٽرسائيڪل تي سوار ٽن دهشتگردن ڪالهه ايف سي هيڊ ڪوارٽر تي حملو ڪيو. هڪ حملي آور مين گيٽ تي پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، جڏهن ته ٻه هٿياربند حملي آور فائرنگ ڪندي اندر داخل ٿيا.

ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگردن جي ڪارروائي ملڪ جي سالميت، سيڪيورٽي ادارن ۽ سرڪاري ملڪيت کي نقصان پهچايو. واقعي واري هنڌ تان 27 کان وڌيڪ گوليون به هٿ ڪيون ويون آهن.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube