اسلام آباد ۾ ڪرڪيٽ ميچز دوران ٽريفڪ جام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ گهرو وزارت سيڪٽر ڊي-12 ۾ عالمي معيار جو ڪرڪيٽ اسٽيڊيم تعمير ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي۔
ذريعن مطابق، گهرو وزير محسن نقوي سي ڊي اي جي چيئرمين کي منصوبو هڪ سال اندر مڪمل ڪرڻ جون هدايتون ڏئي ڇڏيون آهن، جن مطابق وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ دبئي طرز جو جديد ڪرڪيٽ اسٽيڊيم تعمير ڪيو ويندو۔
ذريعن ٻڌايو آهي ته اسٽيڊيم کي شهر کان پري تعمير ڪرڻ سان ٽريفڪ مسئلا ختم ٿي ويندا، اسٽيڊيم ويجهو سيون اسٽار هوٽل به تعمير ڪيو ويندو، جتي بين الاقوامي ٽيمون رهائش جي سهولتن مان فائدو وٺي سگهنديون۔




