وزيراعظم شهباز شريف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات ڪئي.
شهباز شريف ۽ مراد علي شاهه جي ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ سنڌ صوبي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ٻئي طرف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد مگسي به وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي اڳوڻو سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي به موجود هو.




