پاڪستان مان افغان پناهگيرن جي وطن واپسي جو سلسلو جاري آهي۔
ذرائع موجب چمن بارڊر مان هڪ ڏينهن ۾ 10 هزار 700 افغان پناهگيرن کي افغانستان موڪليو ويو۔
ذرائع ٻڌايو ته افغان پناهگيرن جي واپسي چمن کان پوءِ اڄ طورخم سرحد تان به شروع ڪئي وئي آهي۔
ذرائع جو چوڻ آهي ته هن وقت تائين لڳ ڀڳ 15 لک 60 هزار افغان پناهگير پنهنجي وطن واپس موٽيا آهن، افغان پناهگيرن جي واپسي قانوني طريقيڪار تحت ڪئي پئي وڃي ۽ هر شخص جي دستاويزن جي تصديق کان پوءِ ئي سرحد پار ڪرڻ جي اجازت ڏني پئي وڃي۔




