وزيرِ مملکت براءِ صحت ڊاڪٽر مختار ڀرٿ جو چوڻ آهي ته ماءُ جو کير ئي ٻارن لاءِ بهترين آهي، ۽ ٻار کي کير نه پيارڻ سبب ملڪ جي معيشت تي بار وڌي رهيو آهي۔
اسلام آباد ۾ ٿيل هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي، ڊاڪٽر مختار ڀرٿ چيو ته ملڪ ۾ ٻارن جي سٺي پرورش لاءِ سنجيده قدم کنيا پيا وڃن، ڇو ته ماءُ جو دودھ ئي ٻارن لاءِ سڀ کان وڌيڪ فائديمند آهي۔
ڊاڪٽر مختار ڀرٿ چيو ته پارليامينٽيرينز کي به هن معاملي بابت آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي، بريسٽ فيڊنگ بابت قانون موجود آهي، جنهن تي عملدرآمد يقيني بڻائي رهيا آهيون، اسلام آباد سميت سڄي ملڪ ۾ عورتن کي به ان حوالي سان آگاهي ڏني ويندي۔
هن جو چوڻ هو ته بريسٽ فيڊنگ نه ڪرائڻ سان ملڪ جي معيشت تي وڌيڪ بوجهه پئجي رهيو آهي، حڪومت ان سلسلي ۾ وڌيڪ اثرائتي قانونسازي ڪندي۔
خيال رکو ته ڊبي جو کير رڳو انهن ٻارن جي ضرورت آهي جيڪي ماءُ جي کير کان محروم آهن، پر فارمولا کير تي اربين رپيا غير ضروري طور خرچ ڪيا وڃن ٿا۔



