KTN News

لاهور ، دنيا جي سڀني کان وڌيڪ آلوده شهرن ۾ پهرين نمبر تي اچي ويو

لاهور دنيا جي سڀني کان وڌيڪ آلوده شهرن ۾ پهرين نمبر تي اچي ويو.

انوائرمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي (EPA) مطابق، لاهور جو ايئر ڪوالٽي انڊيڪس (AQI) 332 تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته فيصل آباد ۾ AQI 325 آهي.

ان کان علاوه شيخوپورا جو AQI 311، ڊي جي خان 239، گوجرانوالا 233، ۽ ملتان جو AQI 224 آهي.

سومر جي صبح سوير، لاهور جي هوا جو معيار انتهائي خراب هجڻ سبب، لاهور دنيا جي سڀ کان آلوده شهرن ۾ شامل ٿي ويو.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube