پاڪستان پهريون هائپر اسپيڪٽرل سيٽلائيٽ ڪاميابي سان لانچ ڪري ڇڏيو آهي۔ هائپر اسپيڪٽرل اِميجنگ سيٽلائيٽ “ايڇ ايس-1” 130 بينڊز تي مشتمل آهي۔
ترجمان دفتر خارجہ مطابق، پاڪستان پنهنجو پهريون هائپر اسپيڪٽرل سيٽلائيٽ ڪاميابي سان لانچ ڪري ڇڏيو، جنهن کي سپارڪو چين جي سيٽلائيٽ لانچ سينٽر تان ڪاميابي سان خلا ۾ موڪليو۔ هي جديد سيٽلائيٽ جديد ترين هائپر اسپيڪٽرل اِميجنگ ٽيڪنالاجي سان ليس آهي۔
هي سيٽلائيٽ ڪيترن ئي اسپيڪٽرل بينڊز ذريعي انتهائي صحيح معلومات گڏ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو۔ “ايڇ ايس-1” جي ذريعي زمين جي استعمال، فصلن، آبي وسيلن ۽ شهري ترقي بابت صحيح تجزيي ممڪن بڻجندا۔
بيان مطابق، “ايڇ ايس-1” جي ڪامياب لانچ پاڪستان جي خلائي پروگرام ۾ هڪ نئين باب جي شروعات آهي۔ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار پاڪستاني ۽ چيني سائنسدانن ۽ ٽيڪنيڪي ماهرن جي ساراهه ڪئي۔
سپارڪو ۾ پاڪستان جي پهرئين هائپر اسپيڪٽرل اِميجنگ سيٽلائيٽ جي لانچنگ تقريب دوران، سيڪريٽري اسپيس ٽيڪنالاجي بريگيڊيئر آفتاب چيو ته، اڄ پاڪستان لاءِ خلائي شعبي ۾ هڪ تاريخي ڏينهن آهي۔ هي سيٽلائيٽ زمين جي هر ذري جو مشاهدو ڪندو۔ هي ٽيڪنالاجي ماحولياتي نگراني، ٻيلن جي ڪٽائي ۽ شهرن جي توسيع ۾ مددگار ثابت ٿيندي۔




