اسلام آباد: افغان طالبان جي درخواست تي پاڪستان جنگ بندي جو فيصلو ڪري ڇڏيو۔
پرڏيهي وزارت موجب، افغان طالبان جي حڪومت طرفان جنگ بندي جي درخواست ڪئي وئي هئي۔
پرڏيهي وزارت مطابق، افغان طالبان جي درخواست تي اڄ شام 6 وڳي کان ايندڙ 48 ڪلاڪن لاءِ عارضي جنگ بندي جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب جنگ بندي جو آغاز ٿي چڪو آهي۔
پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته ٻنهي طرفن جي تعميري ڳالهه ٻولهه سان مسئلي جو مثبت حل تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي۔
ذريعن موجب، پاڪستان طرفان افغانستان لاءِ خاص نمائندو محمد صادق ۽ افغانستان طرفان ممڪن آهي ته افغان پرڏيهي وزير مذاڪرات ڪندا۔




