ٽرانسپورٽ اڏن، ميٽروبس سروس، ۽ مڪاني ٽرانسپورٽ جي بند ٿيڻ سبب ريلوي اختيارين مسافرن لاءِ اهم اعلان ڪري ڇڏيو.
راستن ۽ اڏن جي بندش سبب راولپنڊي ريلوي اسٽيشن تي مسافرن جو رش وڌي ويو آهي، ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ قطارون لڳي ويون آهن.
ان موقعي تي ريلوي اختيارين مسافرن جي سهولت لاءِ ريل گاڏين سان اضافي ڪوچ لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ريلوي اختيارين موجب ريل گاڏيون پنهنجي معمول مطابق هلي رهيون آهن.
ريلوي اختيارين (پاڪستان ريلوي) جو چوڻ آهي ته راولپنڊي کان لاهور وڃڻ وارين ريل گاڏين سان اضافي ڪوچز لڳايا ويندا.
واضح رهي ته راولپنڊي ايڪسپريس وي، فيض آباد ۽ آءِ جي پي روڊ مڪمل طور تي بند آهن، فيض آباد انٽرچينج به ڪنٽينرن ذريعي بند ڪيو ويو آهي، کڻه پل، ڪري روڊ ۽ ڍوڪ ڪالا خان جا رستا به اڃا تائين بند پيل آهن.
وارث خان، ڪميٽي چوک، سڪسٿ روڊ، شمس آباد، راول روڊ، شاهين چوک، صدر ۽ پراڻي ايئرپورٽ کان ايندڙ رستا پڻ اڃا تائين بند آهن. راولپنڊي انتظاميه پاران شهر ۾ هيوي ٽرئفڪ جي داخلي تي پابندي مڙهيل آهي.




