وزيرِ دفاع خواجه آصف جو چوڻ آهي ته ڀارت پنهنجي شڪست جي خفت مٽائڻ لاءِ افغان سرزمين استعمال ڪري رهيو آهي، افغانستان ۾ ڀارت جي سهولتڪاري ٿي رهي آهي، ڀارت شايد هاڻ افغانستان جي ذريعي بدلو وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي۔
هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته افغان طالبان مجبور ناهن، هو ڪالعدم ٽي ٽي پي سان گڏيل آهن، افغان طالبان کان درخواست ڪئي هئي ته ڪالعدم ٽي ٽي پي کي پناهه نه ڏني وڃي۔