ڊي آءِ خان جي پوليس ٽريننگ سينٽر تي دهشتگردن حملو ڪيو، پوليس جي جوابي ڪارروائي دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا۔
پوليس ذريعن موجب، پوليس ٽريننگ اسڪول تي دهشتگردن حملو ڪيو، جنهن دوران پوليس طرفان ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪئي ويئي ۽ ٽي حملا ڪندڙ هلاڪ ڪيا ويا۔
ذريعن موجب، پوليس ٽريننگ سينٽر جي ويجهو ڌماڪن ۽ فائرنگ جون آوازون ٻڌيون ويون، جنهن کان پوءِ دهشتگرد سينٽر ۾ داخل ٿيا، جتي پوليس اهلڪارن ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جو ڏي وٺ ٿيو۔
پوليس ذريعن موجب، سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس جي وڌيڪ نفري به واقعي واري هنڌ پهچي وئي آهي۔