بلوچستان سان واسطو رکندڙ سينيئر گائنيڪالاجسٽ، پروفيسر ڊاڪٽر عائشہ صديقه کي ‘انٽرنيشنل فيڊريشن آف گائنيڪالاجي اينڊ آبسٽٽرڪس’ (فيگو) جي چونڊن ۾ ٽرسٽي جي عهدي لاءِ منتخب ڪيو ويو آهي۔
ڊاڪٽر عائشہ صديقه فيگو جي ٽرسٽي جي عهدي تي فائز ٿيڻ واري پاڪستان جي تاريخ جي پهرين عورت بڻجي ويئي آهي۔
ڊاڪٽر عائشہ صديقه کي تازو ئي فيگو وومينز ايوارڊ 2025 سان به نوازيو ويو هو، جيڪو طبي شعبي ۾ نمايان ڪارڪردگي ۽ خدمتن جي اعتراف ۾ ڏنو ويندو آهي۔
ڊاڪٽر عائشہ جو چوڻ آهي ته انٽرنيشنل فيڊريشن آف گائنيڪالاجي اينڊ آبسٽٽرڪس جي جنرل اسيمبلي جي رڪنيت حاصل ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، هي اعزاز رڳو منهنجو نه پر بلوچستان سميت پاڪستاني ميڊيڪل ڪميونٽي لاءِ به تاريخي ڪاميابي آهي۔
واضح رهي ته فيگو، گائنيڪالاجي ۽ زچگي سان لاڳاپيل تنظيمُن جو دنيا جو سڀ کان وڏو عالمي ادارو آهي، جنهن جي جنرل اسيمبلي ۾ 142 ملڪن مان رڳو 10 نمايان شخصيتن کي شامل ڪيو ويندو آهي۔