KTN News

گروپ ڪيپٽن عاصم طارق جي شهادتتي صدرِ مملڪت ۽ وزيراعظم جوگهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار

صدرِ مملڪت آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف گروپ ڪيپٽن عاصم طارق جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

صدر زرداري چيو آهي ته هڪ بيگناهه عورت جي تحفظ لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪرڻ اعليٰ انساني قدرن ۽ قومي خدمت جو روشن مثال آهي. هن چيو ته اسلام آباد جي اهم شاهراهه تي اهڙي قسم جو واقعو انتهائي ڳڻتي جوڳو آهي، ۽ اهڙن واقعن جي مڪمل روڪٿام کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي.

وزيراعظم شهباز شريف پڻ گروپ ڪيپٽن عاصم طارق جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته گروپ ڪيپٽن عاصم طارق هڪ عورت جي جان ۽ عزت جي حفاظت لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو.

سندس چوڻ هو ته گروپ ڪيپٽن عاصم طارق بي مثال جرئت، بهادري ۽ فرض شناسي جو اعليٰ مثال قائم ڪيو آهي. قوم اهڙن بهادر سپوتن جي قربانين کي هميشه قدر ۽ احترام جي نگاهه سان ڏسندي آهي.

شهباز شريف وڌيڪ چيو ته سڄي قوم شهيد جي وارثن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. هن هدايت ڪئي ته واقعي جي مڪمل ۽ شفاف جاچ ڪري ذميوار عنصرن کي قانون موجب سخت سزا ڏني وڃي.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube