KTN News

گئس جي اگهن ۾ واڌ جي خبرن کان پوءِ اوگرا وضاحت ڏئي ڇڏي

تيل ۽ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) گئس جي قيمتن ۾ واڌ جي خبرن کان پوءِ وضاحت ڏني آهي.

ان حوالي سان اوگرا جي ترجمان چيو ته گئس جي قيمتن جي تعين بابت غلط تاثر ڏنو ويو آهي.

هن چيو ته گئس جي قيمتن ۾ ڪا به تبديلي منظور نه ڪئي وئي آهي.

اوگرا جي ترجمان چيو ته گئس جي قيمتن ۾ واڌ نه ڪئي وئي آهي، پراڻيون قيمتون برقرار آهن.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube