KTN News

ڪوئيٽا: ايمبولينس مان 60 ڪلو چرس هٿ، جوابدار گرفتار

ڪوئيٽا ۾ اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) سونا خان چوڪ ويجهو ڪارروائي ڪندي ايمبولينس جي ڳجهن خانن ۾ لڪايل 60 ڪلوگرام چرس هٿ ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.

اي اين ايف جي ترجمان موجب، ڳجهي اطلاع جي بنياد تي ڪيل ڪارروائي دوران بين الصوبائي منشيات اسمگلنگ گروهه جي اهم ڪارندي کي گرفتار ڪيو ويو. شروعاتي جاچ موجب، منشيات مستونگ کان ڪوئيٽا اسمگل ڪئي پئي وئي.

اي اين ايف جو چوڻ آهي ته منشيات جي اسمگلنگ لاءِ ايمبولينس استعمال ڪرڻ جو رجحان وڌي رهيو آهي، جنهن سبب هنگامي حالتن ۾ ايمبولينس جي صحيح استعمال بابت پڻ خدشا پيدا ٿين ٿا.

ان کان اڳ اي اين ايف سنڌ جي علائقي شڪارپور ۾ ڪارروائي ڪندي بلوچستان مان سنڌ ڏانهن منشيات اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي هئي، جتي پڻ ايمبولينس جي ڳجهن خانن مان منشيات هٿ ڪئي وئي هئي.

اي اين ايف موجب، تازي ڪارروائي منشيات جي اسمگلنگ خلاف جاري ڪوششن جو حصو آهي.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube