KTN News

ڊفينس جي اپارٽمينٽ ۾ پوليس جي موجودگي ۾ عورت تي تشدد، ڪيس به داخل ڪرايو ويو

ڊفينس خيابان بخاري جي هڪ اپارٽمينٽ ۾ ٻن عورتن جي وچ ۾ ٿيل تڪرار جهيڙي ۾ تبديل ٿي ويو، جنهن بعد هڪ بااثر خاندان ٻئي خاندان خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو.

فليٽ ۾ رهندڙ ٻن عورتن وچ ۾ تلخ ڪلامي ٿي، جڏهن ته واقعي جي سي سي ٽي وي وڊيو به سامهون اچي وئي.

وڊيو ۾ هڪ عورت کي ٻي عورت تي تشدد ڪندي ڏسي سگهجي ٿو، جڏهن ته فوٽيج ۾ پوليس اهلڪارن کي پڻ متاثر عورت سان گڏ موجود هڪ شخص کي ڌڪا ڏيندي ڏٺو ويو.

واقعي واري هنڌ تي پوليس اهلڪار پڻ موجود هئا، ڪجهه دير بعد وڌيڪ نفري پهتي ۽ سادن ڪپڙن ۾ ملبوس هڪ شخص سرڪاري ڪلاشنڪوف سان ڪئميرا ٽوڙي ڇڏيو.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube