اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ شبلي فراز کي ٻن ڪيسن ۾ اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف 28 فيبروري تي جوڊيشل ڪمپليڪس حملي جي ڪيسن جي ٻڌڻي جج طاهر عباس سپرا ڪئي.
شبلي فراز کي مسلسل غير حاضري جي بنياد تي اشتهاري قرار ڏنو ويو، جڏهن ته اڳوڻو قانون وارو وزير راجا بشارت ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا.




