KTN News

وزيراعظم شهباز شريف جي بحرين جي بادشاهه حمد بن عيسيٰ الخليفه سان ملاقات، معاشي ۽ دفاعي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق

وزيراعظم شهباز شريف بحرين جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آهي جتي هن بحرين جي بادشاهه حمد عيسيٰ الخليفا سان ملاقات ڪئي جنهن دوران هن مضبوط ۽ تاريخي ڀائيواري تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف شاندار استقبال لاءِ حمد بن عيسيٰ الخليفا جو شڪريو ادا ڪيو ۽ ڊگهي عرصي کان جاري خير سگالي جي تعريف ڪئي.

تفصيل موجب، ملاقات دوران، بحرين جي بادشاهه حمد بن عيسيٰ الخليفا وزيراعظم شهباز شريف کي بحرين جو آرڊر پيش ڪيو ۽ چيو ته بحرين کي اعزاز حاصل آهي ته قائداعظم بحرين جي قانوني طور تي نمائندگي ڪئي. اسان جي رڪارڊ موجب، محمد علي جناح بحرين جا وڪيل هئا.

ملاقات دوران، ٻنهي ڌرين ٻطرفي لاڳاپن ۾ حوصلا افزائي واري رفتار جو جائزو ورتو جڏهن ته سياسي، اقتصادي، دفاعي ۽ ثقافتي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم گڏيل عقيدي ۽ باهمي احترام جي بنياد تي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو.

وزيراعظم اسلام آباد ۾ ڪنگ حمد يونيورسٽي قائم ڪرڻ ۾ مدد لاءِ بحرين جي قيادت جو شڪريو ادا ڪيو، ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي پاڪستان جي خواهش کي به اجاگر ڪيو.

شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي سي سي جي آزاد واپاري معاهدي سان ٻطرفي واپار کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ لاءِ تيار آهي. وزيراعظم بحرين جي سيڙپڪارن کي وڌيڪ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ جي دعوت پڻ ڏني. شهباز شريف بحرين ۾ 150,000 کان وڌيڪ پاڪستانين جي مهمان نوازي جي به تعريف ڪئي.

وزيراعظم شهباز شريف پاڪستاني قيدين جي وطن واپسي تي حمد بن عيسيٰ الخليفا جو شڪريو ادا ڪيو. ملاقات دوران، ٻنهي اڳواڻن ڊگهي عرصي کان هلندڙ دفاعي ڀائيواري جي اهميت کي ورجايو، ٽيڪنيڪل تربيت، رسد، افرادي قوت ۽ دفاعي پيداوار ۾ تعاون کي مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو، جڏهن ته غزه ۾ تازي پيش رفت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ غزه ۾ امن ۽ استحڪام تي وڏي اطمينان جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ اهو طئي ڪيو ويو ته اهو دورو پائيدار دوستي ۽ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪندو.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube