KTN News

نيويارڪ، پاڪستاني مستقل نمائندي عاصم افتخار جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر سان اهم ملاقات

نيويارڪ: گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر سان هڪ اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل قومن جي سڌارن، سيڪريٽري جنرل جي چونڊ جي طريقيڪار، ۽ عالمي ۽ علائقائي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

ملاقات ۾، ٻنهي اڳواڻن باهمي تعاون، گهڻ طرفي سفارتڪاري ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي اهميت تي اتفاق ڪيو.

ان موقعي تي، جنرل اسيمبلي جي اثرائتي ڪردار ۽ ان کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ويو.

ڳالهين دوران، عالمي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ گڏيل ڪوششن، امن، استحڪام ۽ بين الاقوامي تعاون جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube