وفاقي وزير شزا فاطمه چيو آهي ته ملڪ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) جو شعبو تيزيءَ سان ترقي ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان جو آءِ ٽي سسٽم هاڻي مومينٽم حاصل ڪري چڪو آهي.
ڪراچي ۾ تقريب سان خطاب ڪندي شزا فاطمه چيو ته ٽيڪنالاجي، ڊيٽا جو استعمال ۽ فري لانسرز جو وڌندڙ تعداد ملڪ جي ترقيءَ جو ثبوت آهن.
هن جو چوڻ هو ته پاڪستان هاڻي پائيدار معاشي استحڪام ڏانهن وڌي رهيو آهي.
وفاقي وزير موجب، دنيا ۾ پاڪستان کي هٿي ملي رهي آهي، ناڻي جا مٽا سٽا جا ذخيرا وڌي رهيا آهن، جڏهن ته مهانگائي ۽ پاليسي ريٽ ۾ جوڳي گهٽتائي آئي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته گذريل ٻن سالن جا ٽيڪس جا انگ اکر به شاندار آهن، جڏهن ته اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيلٽيشن ڪائونسل (SIFC) اندروني مسئلن کي حل ڪري ملڪ جي ترقي جا رستا هموار ڪيا آهن.




