KTN News

سنڌ جي ثقافتي ڏينهن ثقافتي هم آهنگي ۾ بي مثال ڪردار ادا ڪيو: وزيراعظم

وزيراعظم شهباز شريف سنڌ جي ثقافتي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ اسين سنڌي ڀائرن ۽ ڀينرن سان ملهائي رهيا آهيون، سنڌ جي ثقافتي ڏينهن پاڪستان جي ثقافتي هم آهنگي ۾ بي مثال ڪردار ادا ڪيو.

جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست جهڙا روحاني شاعر سنڌ ۾ پيدا ٿيا، انهن بزرگن جو پيار، ڀائيچاري ۽ رواداري جو پيغام اڄ به اسان کي اتحاد ۽ رحم جي طرف رهنمائي ڪري ٿو.

وزيراعظم چيو ته سنڌ جو ورثو اجرڪ، ٽوپي، موسيقي، ادب ۽ لوڪ روايتن ۾ ظاهر ٿئي ٿو.

شهباز شريف چيو ته مان سنڌ جي ماڻهن کي انهن جي ثابت قدمي، ترقي پسند سوچ ۽ پاڪستان جي وفاق کي مضبوط ڪرڻ ۾ ڪردار تي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube