ڪوئيٽا: ٽريڪ تي ڌماڪي کان پوءِ جعفر ايڪسپريس جون بوگيون پٽڙي تان لهي ويون،
حادثي ۾ ڪيترائي مسافر زخمي ٿي پيا. ريلوي اختيارين موجب مستونگ جي دشت علائقي ۾ ٽريڪ تي ڌماڪي کان پوءِ جعفر ايڪسپريس جون 3 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون. ليويز اختيارين جو چوڻ آهي ته جعفر ايڪسپريس حادثي ۾ ڪيترائي مسافر زخمي ٿيا آهن. زخمين کي ڪوئيٽا آڻڻ لاءِ ايمبولينس دشت موڪليا ويا آهن. ريلوي اختيارين موجب، جعفر ايڪسپريس پشاور کان ڪوئيٽا اچي رهي هئي.




