KTN News

حڪومت سعودي عرب سان ڪيل دفاعي معاهدي تي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو

پارلياماني ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي اسيمبلي جو اجلاس 29 سيپٽمبر تي شام 5 وڳي طلب ڪيو ويو آهي.

پارلياماني معاملن واري وزارت اجلاس سڏائڻ جي سمري وزيراعظم کي موڪلي ڇڏي.

اجلاس ۾ بچاءُ وارو وزير خواجا آصف پاليسي بيان ڏيندو، قومي اسيمبلي جو اجلاس ٻه هفتا جاري رهندو، اجلاس ۾ معمول جِي ايجنڊا بحث هيٺ رهندي.

ذريعن موجب، اجلاس ۾ قانونسازي لاءِ مختلف بل ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽين جون رپورٽس به پيش ڪيون وينديون.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ وزيراعظم شهباز شريف جَي سعودي عرب جَي دوري دوران پاڪستان ۽ سعودي عرب جَي وچ ۾ دفاعي معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون هيون.

معاهدي تحت پاڪستان ۽ سعودي عرب مان ڪنهن به ملڪ تي جارحيت ٻنهي ملڪن تي جارحيت تصور ڪئي ويندي.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube