KTN News

اڳي سال مون سون جي شدت 26 سيڪڙو وڌيڪ هوندي، چيئرمين اين ڊي ايم اي۔

چيئرمين نيشنل ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) ليفٽننٽ جنرل انعام حيدر چيو آهي ته ايندڙ سال مون سون جي شدت 20 کان 26 سيڪڙو وڌيڪ هوندي۔

وزيراعظم کي ڏنل بريفنگ دوران چيئرمين اين ڊي ايم اي ٻڌايو ته گلگت بلتستان ۾ معمول کان وڌيڪ برفباري رڪارڊ ٿي آهي، جڏهن ته گليشيئرن جي ڳرڻ جي شرح به 3 سيڪڙو وڌي وئي آهي۔

هن وڌيڪ چيو ته هر سال پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي جي شدت وڌي رهي آهي، ايندڙ سال مون سون وڌيڪ تيزي سان ايندو، جنهن لاءِ اڳواٽ تياري ضروري آهي۔

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube