پاڪ فوج، ايف سي بلوچستان ۽ پوليس جي گڏيل آپريشن شعبان تحت تازين ڪاررواين دوران وڌيڪ 5 خوارج ماريا ويا.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، آپريشن شعبان دوران ماريل دهشتگردن جو گڏيل انگ 76 ٿي ويو آهي.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته 5 جولاءِ کان هينئر تائين مختلف آپريشنن ۾ مجموعي طور 114 خوارج دهشتگرد ماريا ويا آهن.




