KTN News

آءِ ٽي شعبي جي ترقي حڪومت جي ترجيح آهي: شزا فاطمه خواجه

وفاقي وزير انفارميشن ٽيڪنالاجي شزا فاطمه خواجه چيو آهي ته آءِ ٽي شعبي جي ترقي حڪومت جي ترجيح آهي۔

شزا فاطمه خواجه تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته مصنوعي ذهانت جي تعليم، ڊجيٽل تبديلي ۽ جدت کي حڪومت ۽ تعليمي ادارن ۾ فروغ ڏنو پيو وڃي۔

هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته ڊجيٽل تبديلي جي هن سفر ۾ ڪو به پوئتي نه رهي، اڄ زندگي جي هر شعبي ۾ ٽيڪنالاجي جو عمل دخل آهي۔

شزا فاطمه خواجه وڌيڪ ٻڌايو ته ميٽا سان گڏجي استادن جي تربيت ڪئي پئي وڃي، ۽ 10 لک ٻارن کي مصنوعي ذهانت (AI) بابت تربيت ڏيڻ جو ارادو آهي۔

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube