قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اجلاس دوران ڪورم جي نشاندهي کي نظرانداز ڪري قانونسازي جو عمل جاري رکيو جنهن دوران ايوان ڪيترائي بل منظور ڪري ورتا.
ڪورم جي نشاندهي تي اسپيڪر چيو ته ڪٿي لکيل آهي ته بار بار ڪورم جي نشاندهي ڪئي ويندي.
قومي اسيمبلي پاڪستاني شهريت (ترميمي) بل 2025 ۽ ڀنگ جي انتظام ۽ ريگوليٽري اٿارٽي وارو ترميمي بل 2026” اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو.
ان کان کانسواءِ پاڪستان جي نالي ۽ نشان جي غلط استعمال جي روڪٿام وارو ترميمي بل 2026” ۽ نيشنل آرڪائيوز (ترميمي) بل 2026” کي به ايوان اڪثريت راءِ سان منظور ڪيوويو.
ساڳئيءَ ريت ايوان نيا پاڪستان هائوسنگ اينڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي (ترميمي) بل 2026” ۽ اسلام آباد جو بزرگ شهري (ترميمي) بل 2025” به اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو جڏهن ته ايم اين اي عاليه ڪامران جي پيش ڪيل ترميم کي اڪثريت راءِ سان رد ڪيو ويو.
ان کانپوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي صبح يارهين وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.




