راولپنڊي- پاڪستان فتح-4 ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. هن ميزائل جي رينج 750 ڪلوميٽر آهي. آءِ ايس پي آر موجب، پاڪستان فتح-4 ڪروز ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي.
هن ميزائل جي رينج 750 ڪلوميٽر آهي ۽ اهو جديد ايويونڪس ۽ نيويگيشن سسٽم سان ليس آهي. فتح-4 ميزائل دشمن جي دفاعي نظام کان بچڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ انتهائي درستگي سان نشانو بڻائي سگهي ٿو. آءِ ايس پي آر جي ترجمان جو چوڻ آهي ته فتح-4 ميزائل پاڪستان فوج جي روايتي ميزائل سسٽم جي رينج ۽ بقا کي وڌيڪ بهتر بڻائيندو. فتح-4 جي تربيتي لانچ کي چيف آف جنرل اسٽاف، سينئر آفيسرن، سائنسدانن ۽ انجنيئرن ڏٺو. ان دوران، صدر آصف زرداري، وزيراعظم شهباز شريف، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ۽ سروسز چيفس فتح-4 ڪروز ميزائل جي ڪامياب تجربي تي مبارڪباد ڏني آهي.