پاڪ فوج جو چوڻ آهي ته افغانستان طرفان گذريل رات ڪئي ويل اشتعال انگيزي جي جواب ۾ 200 کان وڌيڪ طالبان ۽ انهن سان لاڳاپيل دهشتگرد مارجي ويا.
پاڪ فوج جي شعبه تعلقات عامه (آءِ ايس پي آر) پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته افغان طالبان ۽ ڀارت جي سرپرستي هيٺ فتنۃ الخوارج 11 ۽ 12 آڪٽوبر جي وچين رات حملي جو آغاز ڪيو، بزدلانه ڪارروائيءَ ۾ فائرنگ ڪئي وئي ۽ ڪجهه هنڌن تي دراندازي به ڪئي وئي. هي حملو سرحدي علائقن ۾ افراتفري پيدا ڪري دهشتگرديءَ جي مقصدن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان جي مسلح فوجن نه رڳو حملي کي ناڪام بڻايو، پر طالبان فورسز ۽ انهن سان لاڳاپيل خوارجن کي به وڏو جاني نقصان پهچايو. دفاعي حق تحت پاڪ فوج سرحدي پٽي تي اثرائتو ۽ فيصلائتو جواب ڏنو، ۽ افغان علائقي ۾ موجود طالبان جي ڪيمپن ۽ پوسٽن تي فائرنگ ڪئي وئي.
پاڪ فوج جي شعبه تعلقات عامه (آءِ ايس پي آر) موجب، طالبان جي ڪيمپن ۽ پوسٽن تي فضائي حملا ۽ ڪارروايون ڪيون ويون. هي ڪارروايون دهشتگردي جي تربيت گاهن ۽ انهن جي مدد ڪندڙ نيٽ ورڪن خلاف ڪيون ويون، جن ۾ فتنہ الخوارج، فتنہ الہند (فتنہ الهنڊوستان) ۽ داعش سان لاڳاپيل عنصر شامل آهن.




